سندر شيوڪ سڀا سکر

سندر شيوڪ سڀا، سکر: 1919ع ۾ مسٽر بالچند رام سنگهه برپا ڪئي هئي ۽ 1921ع ۾ هن مولچند ٿلهي تي لائبرري کولي هئي. ان کانسواءِ باغ ڪوارٽر ۾ مليريا جي روڪ لاءِ ڌرمائو اسپتال سميت کولڻ ليوڪس پارڪ، پيسومل پارڪ ۽ لئنسڊائون پل جي ڀر ۾ جل آشرم کوليا هئائين. هن سڀا 1934ع ۾ بندر روڊ تي ٽيڪچند پارڪ 1936ع ۾ ليڊيز پارڪ، مارڪيٽ ٽاور، ڪرشنا ڊراميٽڪ سوسائٽي، بندر تي جانورن جي پاڻي پيئڻ لاءِ حوض تعمير ڪرايا. سڀا جو سيڪريٽري مسٽر پرسرام مسند هو، جنهن جي نالي تي بورڊ لڳل هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو